آگم پبلشنگ ايجنسي

آگم پبلشنگ ايجنسي: لطيف سائينءَ جي سر ’سارنگ‘ ۾ استعمال ٿيل لفظ ’آگم‘ جي نسبت سان قائم ڪيل ڇپائي جو ادارو، جيڪو مشهور اديب ۽ ڊراما نگار نثار حسينيءَ 1977ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪيو. ھن اداري جي ڪتابن جي پڌرائيءَ جو ڳاڻيٽو 115 آھي، جنھن ۾ 5 رسالا، ڪجهه ڪتابي سلسلا، افسانوي ادب، تاريخ، شاعري، سفر ناما، ٻارن جا ڪتاب وغيره شامل آھن. ھن اشاعتي اداري ۾ خصوصيت سان ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ نواڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. آگم پبلشنگ ايجنسيءَ جي 21 ڪتابن تي سنڌالاجيءَ، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن ۽ رائيٽرس گلڊ پاران ڪتابن جي ليکڪن، آرٽسٽن ۽ سھڻي ڇپائيءَ تي اداري کي انعام مليل آھن. هن اداري جي ڇپايل اهم ڪتابن ۾: ”ديوان حافظ“ (ترجمو: محمد يعقوب نياز)، ”ڇوليون“ (شرجيل)، ”ڌرتي سرتي“ (شاعري: استاد بخاري)، ”بيتن واري ناني“ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: اڪبر جسڪاڻي)، ”خيرو حجم“ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: اڪبر جسڪاڻي)، ”پتنگن پٺيان ڊوڙ“ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: ج.ع.منگهاڻي)، ”هوائن جي آڌار“ (سفرنامو: فهميده حسين) ”ويچار“ (تنقيد: ممتاز مهر) وغيره اچي وڃن ٿا.


لفظ آگم پبلشنگ ايجنسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو